اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مظلوم ڪشميري حريت پسندن سان والهاڻي يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪارو ڏينهن ان وچن کي ورجائڻ سان ملهايو ويو ته گڏيل ??ومن جي قراردادن موجب ريفرنڊم ??ري??ي ڪشميرين جي خودمختياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي. 27 آڪٽوبر تي پاڪستان جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واڪ، سيمينارز ۽ سمپوزيم منعقد ٿيا جڏهن ته ميڊيا جي ??ري??ي سڄي دنيا جي انساني حقن جي علمبردارن ۽ گڏيل ??ومن جي پنج وڏين طاقتن جي حڪمرانن کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ بابت آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو مطالبو ڪيو ويو ته ڪشمير جي پراڻي مسئلي کي گڏيل ??ومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي ۽ معصوم ڪشميري مسلمانن تي جاري ڀارتي فوج جي وحشياڻي ظلم ۽ تشدد جي سلسلي کي روڪيو وڃي.