مظفر آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) آزاد ڪشمير ??ي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان ??ي ميزباني ۾ آزاد ڪشمير جي سمورين پارلياماني پارٽين جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ آزاد ڪشمير جي صدر سردار م??عود خان، پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي، قومي سلامتي واري صلاحڪار م??يد يوسف خصوصي شرڪت ڪئي. شرڪت ڪندڙن پاران والار??ل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي رياستي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪئي وئي. ان موقعي تي آزاد ڪشمير ??ي وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو ته 35 اي جو خاتمو ۽ آبادي جو تناسب تبد??ل ڪرڻ جون ڪوششون عالمي قانونن جي خلاف ورزي آهي، هڪ سال ٿي ويو آهي ??الار??ل ڪشمير مڪمل فوجي گهيراءُ ۾ آهي عوام قيدين وانگر زندگي گذاري رهي آهي، پاڪستان حڪومت ڀارتي قدمن کي سڄي دنيا ۾ بي نقاب ڪرڻ جي لاءِ جارحاڻي سفارتي مهم هلائي، پاڪستان ۾ هڪ قومي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي، آزاد ڪشمير ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ سڄي دنيا ۾ هڪ ٿي ڀارت جي خلاف پرامن سياسي تحريڪ هلائيندا، مودي جي انتهاپسنداڻي سوچ ڀارت کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي چيو ته ڪشمير ??ي معاملي تي آزاد ڪشمير جي سمورين سياسي پارٽين سمورن ادارن ۾ ڪشمير ??ي معاملي تي مڪمل هم آهنگي آهي، پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ڪشميرين جي جدوجهد جي آزادي ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهيون، 5 آگسٽ تي پرڏيهي ??زارت ۾ ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جو خصوصي اجلاس ٿيندو. رياستي پارٽين جو پاڪستاني قوم ۽ حڪومت پاران 5 آگسٽ کي ڀرپور طريقي سان ملهائڻ تي رياستي قيادت پاران ٿورا مڃيا ويا. پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي ڪشميري قيادت کي ڪشمير پاليسي ۽ عالمي سطح تي کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني.