??سل??م آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوريت جي فروغ لاءِ بلدياتي ادارن جي مضبوطي ضروري آهي، بلدياتي ادارا عوام کي بنيادي سه??لت?? ۽ فوري ۽ سستي ا??صاف جي فراهمي ?? اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ملڪ جي آبادي جو هڪ وڏو حصو ٻهراڙي جي علائقن ۾ رهندڙ آهي ا?? لاءِ ملڪي ترقي لاءِ ضروري آهي ته ٻهراڙي جي علائقن جي ترقي لاءِ خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار ??سل??م آباد ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بلدياتي ۽ ٻهراڙي جي ترقي بابت خاص مددگار ڪامران خان بنگش سان ٿيندڙ پنهنجي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.