اسلام آباد – 11 جون (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان پي ??ي آءِ جي باني ميمبر ڊاڪٽر اعجاز احسن جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي پارٽي جي لاءِ سندس خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي ت??زيتي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڊاڪٽر اعجاز احسن پي ??ي آءِ جو باني ميمبر هو، هن اهڙي مشڪل وقت ۾ اسان جو ساٿ ڏنو جڏهن تبديلي جا مخالف اسان جو ??ذاق اڏائيندا هئا، ڊاڪٽر اعجاز احسن اسان جي پارٽي جي سي اي سي جو ??يمبر ۽ اجلاسن ۾ سدائين شريڪ ٿيندو هو.