اسلام آباد ??? 03 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته 2020ع عوام کي نوڪريون ڏيڻ ۽ واڌويجهه جي شرح وڌائڻ جو سال آهي، ماضي ۾ عام ماڻهو جي لاءِ ڪجهه نه ڪيو ويو، اسان جو سڄو ڌيان هيٺئين طبقي جي ڀلائي تي آهي، ڳوٺن جي عوام لاءِ پڻ ??وز??ار جا موقعا، فنانسنگ ۽ وسيلا مهيا ڪن??اسين، گهٽ آمدني وارن طبقن جي لاءِ هائوسنگ جي منصوبن تي تيزي سان ڪم ڪيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گهٽ لاڳت گهرن جي فراهمي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي فراهمي جي تقريب کي خطاب ڪن??ي ڪيو.