اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اڱاري ڏينهن شروع ٿيندڙ پناهگيرن بابت پهرين عالمي فورم (جي آر ايف) ۾ شرڪت ڪندو. سومر ڏينهن وزيراعظم ميڊيا آفيس طرفان جاري بيان موجب پناهگيرن بابت گڏيل قومن جي ??اءِ ڪمشنر (يو اين ايڇ سي آر) ۽ سوئٽزرلينڊ ج?? حڪومت جي آر ايف جي گڏيل ميزباني ڪري رهيا آهن. وزيراعظم عمران خان کي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان ۽ ڪوسٽاريڪا، ايٿوپيا ۽ جرمني جي اڳواڻن سان پناهگيرن جي ڀلائي، ترقي ۽ تحفظ جي ??اءِ پنهنجي ??ثالي ڪردار سبب فورم جي گڏيل صدارت جي دعوت ڏني آهي.