رياض-27 (اي پي پي ) سعودي عرب جي ڪابينه جو اجلاس ولي عهد وزيراعظم شهزادو محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود جي اڳواڻي ۾ جده ۾ منعقد ٿيو جنهن ۾ غزه جي صورتحال س??يت مختلف معاملن تي بحث ڪيو ويو ايس پي اي موجب اطلاعت واري وزير سلمان الدوسري ڪابينه اجلاس ۾ ٿيندڙ ڪاروائين جي حوالي سان تفصيل ٻڌائيندي چيو ته ولي عهد جو وفاقي جمهوريا جرمني جي صدر جي ٽيلي فونڪ رابطي کانسواءِ ڪويت جي وزيراعظم سان ملاقات جي حوالي سان به بحث ڪيو ويو. ڪابينه اجلاس ۾ علائقائي ۽ عالمي حالتن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن سبب پهرين غزه جي پٽي ۾ ٿيندڙ انساني الميي جي بگڙجندڙ صورتحال جي حوالي سان سيڪيورٽي ڪونسل پاران فوري جنگ بندي جي قر??ر داد کي ساراهيو ويو اطلاعت واري وزير چيو ته وزيرن واري ڪونس?? حڪوم?? پاران ضروتمند خاندانن لاءِ رهائشي اسڪيم جي حوالي سان شروع ڪيل مهم جود الاسڪا?? کي ساراهيندي ا?? کي بهترين قدم قر??ر ڏنو . وزيرن جي ڪونسل جي اجلاس ۾ ڪيترن ئي معاملن جا فيصلا ڪيا ويا جنهن ۾ وزارت ثقافت يا ان پاران مقرر ڪيل نمائندي کي تاجڪستان سان گڏ ثقافتي معاملن ۾ سهڪار لاءِ اختيار ڏنو ويو وزار?? پاڻي، زراعت ۽ ماحوليا?? پاران جمهوريا ياداشت جي منظوري ڏني وئي ڪابينا اجلاس ۾ حج سيزن دوران عارضي بنيادن تي مختلف ملڪن مان درآمد ڪيل افرادي قوت جي وزيرن جي فيس حڪوم?? پاران ادائيگي جي فيصلي کي جاري رکيو ويو .