اسلام آباد – 10 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ??سپ??ڪر اسد قيصر سان پارليامينٽ هائوس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار بابر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ قانون سازي، قومي اسيمبلي جي ايجنڊا ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ملاقات ۾ طئي ٿيو ته فنانس ترميمي بل تي مخالف ڌر کي خيالن جو اظهار ڪرڻ جو ڀرپور موقعو فراهم ڪيو ويندو ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين ۾ التوا ۾ پيل بلن جي جلد منظوري لا??ِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويندا. ??سپ??ڪر چيو ته قومي اسيمبلي عوامي مسئلن جي حل ۽ ڀلائي ۽ ت??قي جي لا??ِ پنهنجو آئيني ڪردار ڀرپور طريقي سان ادا ڪندي ۽ آئين ۾ مقرر 130 ڏينهن کي پورو ڪيو ويندو. هن جو چوڻ هو ته قومي اسيمبلي عوامي اميدن تي پورو ??هڻ لا??ِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي.