چاغي – 04 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي چي??رمين محمد صادق سنجراڻي سان بلوچ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن پجار جي صوبائي سينئر نائب صدر شفقت ناز بلوچ مل??قات ڪئي. پي ايس او پجار پاران کان جاري ڪيل پريس رليز جي اسلام آباد ۾ سينيٽ چي??رمين جي آفيس ۾ ٿيندڙ ان مل??قات ۾ شفقت ناز بلوچ سينيٽ جي چي??رمين صادق سنجراڻي کي پنجاب ۾ تعليم هيٺ بلوچستان جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو ويو، جنهن تي سينيٽ جي چي??رمين شاگردن جا مسئلا حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته شاگرد ملڪ ۽ قوم جي مستقبل جا معمار ??هن?? ڇاڪاڻ جو ڪنهن به قوم جي ترقي جو راز تعليم ۾ آهي. هن چيو ته ملڪي ترقي ۾ شاگردن جو هڪ اهم ڪردار آهي تنهن ڪري شاگرد پنهنجي تعليم تي ڌ??ان ڏين.