اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) قومي سلامتي واري صل??حڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آهي ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو غير معمولي اجلاس افغانستان جي لاءِ فوري انساني ۽ اقتصادي امداد جي ضرورت تي ڌيان ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اها ڪانفرنس ا??ان جي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڀلائي لاءِ پاڪستان جي مسلسل عزم جو عڪاس آهي، معيد يوسف چيو ته اسان اجلاس کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سمورن مسل??ان ملڪن، سهڪاري ملڪن ۽ عالمي ادارن جي نمائندن جو ٿورو ادا ڪريون ٿا. هن ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي وزير شاهه ??حم??د قريشي ۽ پرڏيهي وزارت جي سموري ٽيم کي ??با??ڪباد پيش ڪئي.