اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن سان گم ٿيل صحافي مدثر نارو ??ي والدين ۽ معصوم پٽ ملاقات ڪئي، وزيراعظم مدثر نارو ??ي والدين کي واقعي بابت تحقيقات ۽ سموري ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي.
وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، اٽارني جنرل خالد جاويد خان ۽ گهرو ??يڪريٽري يوسف نسيم کوکر به موجود هئا. ??ن سلسلي ۾ وزيراعظم قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي وڌيڪ تحقيقات ڪري مدثر نارو ??ي والدين ۽ پٽ کي تسلي بخش جواب ڏيڻ جي هدايتون جاري ڪيون، مدثر نارو ??ي والدين وزيراعظم جي خاطري تي اعتماد جو اظهار ڪيو.