اسلام آباد – 02 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ماضي جي حڪمرانن کي اوورسيز پاڪستانين ??ي مٽاسٽا جي ناڻي سان ته پيار هو پر هو انهن کي ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ برطانيه جي صدر عبدالستار رانا ۽ سينئر نائب صدر مل?? عمران خليل ملاقات دوران ڪيو جنهن مملڪتي وزير سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران اوورسيز پاڪستانين جي م??ئلن جي حل، ٻاهرين مل??ن ۾ پاڪستاني م??نز جي ڪردار ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پي ٽي آءِ برطانيه جي عهديدارن ٻاهرين مل?? رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيڻ تي وزيراع??م عمران خان ۽ سندس ٽيم جو ٿورو ادا ڪيو، مملڪتي وزير چيو ته ماضي ۾ سمورين حڪومتن کي اوورسيز پاڪستانين ??ي مٽاسٽا جي ناڻي سان ته پيار هو پر هو کين ووٽ جو حق ڏيڻ جي خلاف هئا،. هن چيو ته وزيراع??م عمران خان 90 لک اوورسيز پاڪستانين سان اليڪشن کان اڳ جيڪو واعدو ڪيو هو اهو پورو ڪري ڏيکاريو. فرخ حبيب چيو ته وزيراع??م عمران خان برطانيه سميت سڄي دنيا ۾ قائم پاڪستاني م??نز کي واضح هدايتون ڏئي رکيون آهن ته پاڪستانين جي م??ئلن کي فوري حل ۽ هر ممڪن سهولت فراهم ڪن. عبدالستار رانا چيو ته ٻاهرين مل?? رهندڙ پاڪستانين لاءِ روشن ڊجيٽل اڪائونٽ، پنهنجو گهر اسڪيم جهڙا پروگرام جاري ڪرڻ تي پي ٽي آءِ حڪومت جا ٿورائتا آهيون. مل?? عمران خليل چيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ سڄي دنيا ۾ رهندڙ پاڪستاني عمران خان کي ووٽ ڏيندا، پي ٽي آءِ برطانيه جي قيادت اوورسيز پاڪستانين جي لاءِ پاور آف اٽارني جاري ڪرڻ جي لاءِ آٽوميشن نظام متعارف ڪرائڻ تي وزيراع??م عمران خان جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته پاور آف اٽارني جي آن لائين تصديق ۽ جاري ڪرڻ سان هزارين سمنڊ پار پاڪستانين جو فائدو ٿيندو. پراڻي ڪرپٽ نظام مان فائدو کڻندڙ مل?? ۾ تبديلي نه چاهيندا هئا.