اسلام آباد – 19 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جو بنيادي مقصد سياست ۾ پئسي جي اس??عمال کي ختم ڪرڻ آهي، ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪندڙ مسلم لي?? (ن) ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي 10 سالن جي ا??تدار جي دور ۾ اليڪشن ۾ شفافيت لاءِ ڪو عملي قدم ناهي کنيو، وصيت جي صحيحن کي ا??ميت ڏيندڙن کي خبر هجڻ گهرجي ته ميثاق جمهوريت تي به بينظير ڀٽو جي صحيح هئي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام ان ڳالهه تي قائل ٿي چڪي آهي ته اليڪشن جو ??ظام شفاف هجڻ گهرجي، اس??ن جو ??انوني بحث به اهو ئي آهي ته ڪنهن پارٽي يا الائنس پاران نامزد اميدوارن کي ئي سينيٽ جو ??يمبر چونڊجڻ گهرجي. سينيٽ اليڪشن اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ بابت معاملي جي ٻڌڻي کانپوءِ سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. سينيٽ جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد به ساڻس گڏ هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عمران خان هڪ اهڙو قائد آهي جيڪو ملڪ ۾ بنيادي سڌارن جي ذريعي جمهوريت ۽ پارليامينٽ کي مضبوط بڻائي ا?? کي عوام جي خواهشن جو ترجمان بڻائڻ چاهي ٿو. جڏهن پارليامينٽ ۾ شفافيت سان ايم پي ا??ز جي ووٽن سان چونڊجي سينيٽر ايندا ته هو ملڪ ۽ صوبي جي مفاد ۾ ڪم ڪندا. اس??ن جو بنيادي مقصد ئي ا??و آهي ته سينيٽ اليڪشن ۾ پارٽي جي چونڊيل اميدوارن کي ئي ووٽ ملن.