اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميدار ۽ پرامن ملڪ آهي، پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڀارت ڪوڙ ۽ الزامن جو سهارو وٺندو آهي، ڊس انفوليب جي تازي رپورٽ ثابت ڪري ڇڏيو ته ڀارت ڪوڙ ۽ جعل سازي ?? ان حد تائين وڃي سگهي ٿو، دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جو دعويٰ ڪندڙ هندستان پنهنجي حرڪتن جي ڪري بي نقاب ٿي فاشسٽ ملڪ جي طور تي اڀريو آهي، ڀارتي هٿڪنڊن ۽ هندتوا نظريي مان خطي جي امن کي خطرا درپيش آهن. عالمي بر??دري جي خاموشي ۽ ٻٽو معيار سواليه نشان آهي، هو انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز (آءِ ايس ايس) ۾ ”هند توا ذهنيت ۽ ڀارت جي توسيع پسنداڻي عزائم کي سمجهڻ“ جي عن??ان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.