اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) جولاءِ کان ڊسمبر 2020ع جي لاءِ احساس ڪفالت جي ا??ندڙ قسط ايندڙ هفتي دوران سڄي ملڪ ۾ جاري ڪئي ويندي، ان حوالي سان حصيدار بئنڪن، حبيب بئنڪ لميٽيڊ ۽ بئنڪ الفلا?? سان سڀئي تياريون مڪمل ڪيون ويون آهي، ڪفالت قسط جاري ڪرڻ سان گڏ ئي ضرورتمند سڄي ملڪ ۾ بايوميٽرڪ ادائيگي جي ذريعي رقم حاصل ڪري سگهندا، غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري ڊويزن پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر ثانيه نشتر ايم ٽي ا??مز جي ذريعي رقم ڪڍرائڻ جي معيار ۾ بهتري آڻڻ بابت تيارين جو جائزو وٺڻ لاءِ ميلوڊي مارڪيٽ اسلام آباد ۾ واقع ايڇ بي ا??ل برانچ جو دورو ڪيو?? هن احساس ضرووتمندن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ انهن کي ا?? ٽي ا??م جي ذريعي بيلنس معلوم ڪرڻ جي طريقيڪار جي باري ۾ ٻڌايو?? هن ان ڳالهه جو به جائزو ورتو ته ايڇ بي ا??ل ڪهڙي طرح غريب طبقي لاءِ سازگار ماحول مهيا ڪندو آهي.