لاهور – 17 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عا??ف علوي چيو آهي ته پاڪستان هڪ مهذب ملڪ آهي، قوم کي جنهن نئين پاڪستان جي نويد ٻڌائي وئي هئي هاڻي اهو ??هندي نظر اچي رهيو آهي، هر شيءَ اولهه کان سکڻ جي ضرورت نه آهي، اسلام ۾ زندگي جا سڀئي سنهري اصول موجود آهن، سڀئي شاگرد مبارڪباد جا مستحق آهن، توهان جيڪي ڊزائينگ جا هنر سکيا ان جي گهرج سڄي ??نيا ۾ آهي ان اداري جو مقصد پاڪستان جي شين جي ويليو ايڊيشن ڪرائڻ آهي، ڪنهن شيءَ کي خوبصورت رنگ ۾ وجهڻ?? آئيڊياز ڏيڻ ۽ سٺي طريقي سان وڪرو ڪرڻ اهو ??نر آهي، ڪووڊ – 19 ۾ دنيا سمجهندي هئي ته پاڪستان ۾ ان بيماري جي پکيڙ سڀ کان وڌيڪ هوندي، الله جو شڪر آهي جو پاڪستاني عوام احتياطي تدبيرن ۽ حڪومتي حڪمت عملي جي ڪري ان بيماري تي ڪافي حد تائين ضابطو آڻي ورتو آهي، هو ??اڪستان انسٽيٽيوٽ آف فيشن اينڊ ڊزائينگ ۽ ڊزائين جي ٽئين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪري رهيو هو.