اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي يوم وفات جي موقعي تي پنهنجي خصوصي پيغام ۾ چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح رح هڪ عظيم اڳواڻ ۽ ذهانت ۽ فراصت جو بهترين پيڪر هو، محمد علي جناح رحه پنهنجي اعليٰ ڪردار، مستقل مزاجي ۽ جدوجهد سا?? ننڍي کنڊ جي مسلمانن ک?? هڪ پليٽ فارم ت?? گڏ ڪندي ڌار ملڪ جي جدوجهد شروع ڪئي ۽ ننڍي کنڊ پاڪ هند جي مسلمانن لاءِ ٻه قومي نظريي جي بنياد تي پاڪستان جو قيام عمل ۾ آندو، پوري قوم پاڪستان جي باني کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، قائداعظم محمد علي جناح رح جي تعليمات ۽ ان جي ف??ما??ن جي اهميت موجوده دور جي مسئلن ک?? سا??هون رکندي وڌيڪ اهميت اختيار ڪري ويا آهن.