اسلام آباد – 04 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي پيٽروليم بابت خاص مددگار نديم بابر قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قانونسازي، ملڪ جي مجموعي معاشي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ان موقعي تي ڳ??له??ئيندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته ملڪي ترقي جو راز پارليامينٽ جي مضبوطي ۾ لڪل آهي، پارليامينٽ عوام جو نمائنده ادارو آهي ۽ ملڪي مسئلن جي حل جي لاءِ اهڙيون پاليسيون جوڙي سگهي ٿو جيڪي ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفاد ۾ هجن. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ سم??ريون سياس?? پارٽيون قومي اهميت جي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿيون. هن چيو ته ان کي سدائين ڪوشش رهي آهي ته ايوان جي اندر موجود سم??رين سياس?? پارٽين کي ايوان ۾ خيالن جي اظهار جو برابر موقعو فراهم ڪيو وڃي ۽ سم??رن معاملن کي افهام ت??هيم سان حل ڪيو وڃي، هن چيو ته 13 آگسٽ 2020ع تي پڄاڻي تي پهچندڙ پارلياماني سال جي دوران قومي اسيمبلي جي ڪارڪردگي انتهائي شاندار رهي، ڪورونا وبا جي ??او??ود قومي اسيمبلي جو اجلاس جاري رهيو ۽ عوامي ڀلائي بابت قانونسازي عمل ۾ آندي وئي، اسپيڪر ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ ايوان ۾ موجود سياس?? پارٽيون سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري قومي مفاد رکندڙ معاملن تي يڪجهتي جو مظاهرو ڪنديون.