ڪراچي – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل چيو آ??ي ته ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جو فيصلو ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي جي سربراهي وفاقي وزير اسد عمر ڪري رهيو آ??ي. برساتن سبب سڄي سنڌ تباهه ٿي آهي پر ميڊيا جو ڌيان ڪراچي تي گهڻو رهيو، صوبي ۾ بنيادي ڍانچي کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻ ضروري آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي بدين جي دوري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. هڪ سوال جي جواب ۾ سنڌ جي گورنر چيو ته ايڊمنسٽريٽر ڪراچي جي مقرري جو فيصلو ڪاميٽي ڪندي، ڪاميٽي جي سربراهي وفاقي وزير اسد عمر ڪري رهيو آ??ي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل اربع ڏينهن گورنر پنجاب چوڌري سرور سان گڏ بدين ضلعي جي برسات سٽيل علائقن جو دورو ڪيو. ان موقعي تي ساڻس گڏ صوبائي اسيمب??ي جو ميمبر جمال صديقي، بيرسٽر حسنين مرزا، سنڌ جي گورنر جو مشير ع??ي جوڻيجو، اخوت فائونڊيشن جو سربراهه ڊاڪٽر امجد ثاقب به پڻ موجود هئا.