اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي آمريڪا طالبان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جي فيصلي کي ??اراهيندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مف??د ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن افغانستان جي سفير شڪرالله عاطف مشعل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر پاران جاري بيان موجب صدر ڊا??ٽر عارف علوي افغان سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان سان لاڳاپن کي ??اص اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرف لاڳاپن کي گڏيل مف??دن جي سمورن شعبن ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم عمران خان سمورن پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانستان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مف??د ۾ آهي. صدر چيو ته پرامن ۽ خوشحال افغانستان کانسواءِ علائقائي ترقي ۽ واپار ??مڪن نه آهي. صدر آمريڪا طالبان معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قيدين جي آزادي جي فيصلي کي ??اراهيو.