مظفرآباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو. ان دوران هن وزيراعظم هائوس آزاد ڪشمير جو دورو پڻ ڪيو. وزيراعظم جو قومي سلامتي وارو خاص معاون معيد يوسف پڻ پرڏي??ي وزير سان گڏ هو. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر خان پرڏي??ي وزير شاهه محمود قريشي جي وزيراعظم هائوس ۾ آجيان ڪئي. پرڏي??ي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ?? 5 آگسٽ تي استحصال جي ڏهاڙي جي حڪمت عملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏي??ي وزير چ??و ته پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چ??و ته ڀارت جي مسلسل ڏاڍ ۽ دٻاءُ باوجود 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم کي سمورا ڪشميري رد ڪري چڪا آهن. مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دنيا جي هر فورم تي اٿارينداسين. وزيراعظم راجا فاروق حيدر چ??و ته معصوم ڪشميري دنيا جي چ??ٿي?? وڏي فوجي قوت جو ڄمي مقابلو ڪري رهيا آهن، پاڪستاني قوم پا??ان ڪشميرين سان يڪجهتي جي بي مثال مظاهري تي انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. پاڪستان ڪشميرين جو سڄي دنيا ۾ واحد وڪيل آهي.