اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ج?? صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ?? واڌ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي آبزرويشن ج?? جائزو ورتو ويو ۽ آرٽيڪل 255 ۾ ترميم ذريعي لفظ مدي ?? واڌ جي اضافي جي منظوري ڏني وئ??. وفاقي ڪابينا وزيراعظم عمران خان ج?? پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ?? واڌ جي فيصلي جي مڪمل حمايت ڪري ڇڏي آهي. وفاقي وزير شفقت محمود، شيخ رشيد احمد ۽ وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر وزيراعظم عمران خان ج?? صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي هنگامي اجلاس کانپوءِ پي آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا. پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪابينا اجلاس جي حوالي سان ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي هنگامي اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس، عدالت جي آبزرويشن ۽ نوٽيسز جاري ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.