اسلام آباد – 13 نومبر (اي ??ي ??ي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير بئريسٽر فروغ نسيم چيو آهي ته حڪومت انساني همدرد?? جي بنياد تي ميان نواز شريف کي چئن هفتن جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ عل??ج جي لاءِ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، ان جو نالو اي سي ايل مان ناهي ڪڍ??و ويو پر کيس هڪ ڀيرو ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏني وئي آهي، هو 7 ارب رپين جو شوئرٽي بانڊ جمع ڪرائي ٻاهرئين ملڪ وڃي سگهي ٿو، وڪيل، ڊاڪٽرن جي راءِ ۽ عدالتي فيصلن کي نظر ۾ رکندي ان کي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن وزيراعظم جي احتساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.