اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان مهانگائي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لا??ِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيو آهي، وزيراعظم جي فيصلن جو محور ۽ مرڪز عوام کي ريليف ۽ سهولتون ڏيڻ آهي. فرخ حبيب هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ڪرپٽ ٽولي جون نظرو?? ملڪي خزاني مان ڦريل دو??ت کي بچائڻ تي آهن، 2018ع کان اڄ تائين مخالف ڌر ٽائيم پاس کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو. دنيا ۾ سئو سالن جو سڀ کان وڏو ڪورونا بحران هجي يا 50 سالن ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون بلند ترين ??طح تي هجن، وزيراعظم عمران خان سدائين ??وام جي لاءِ ”مردِ بحران“ بڻجي سامهون اچي ٿو. دنيا ۾ تيل جي قيمتن ۾ غيرمعمولي اضافي جي باوجود وزيراعظم عمران خان پيٽروليم جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو.