اسلام آباد – 04 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن جو پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جو خواب پورو ڪري رهي آهي، شهرن جي تمام گهڻي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ ڊگهين ع??ارتن جي تعمير جو ماڊل اختيار ڪيو ??ڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ سادي تقريب ۾ فراش ٽائون اسلام آباد جي گهٽ لاڳت ۾ اپارٽمينٽس جي قرعه اندازي جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم چيو ته حڪومت غريب طبقي کي پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي خواب کي پورو ڪري رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته گهرن جي الاٽمينٽ ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو ??ڃي. هن چيو ته وڌندڙ آبادي ۽ شهرن جي تمام گهڻي ڦهلاءُ جي روڪڻ جي لاءِ ڊگهين ع??ارتن جي تعمير جي ماڊل کي اختيار ڪيو ??ڃي. فراش ٽائون منصوبو نئون پاڪستان هائوسنگ ڊ??ولپمينٽ اٿارٽي ۽ سي ڊي اي جي حصيداري سان مڪمل ڪيو پيو و??ي جيڪو ٻن هزار گهٽ لاڳت وارن اپارٽمينٽس تي ٻڌل آهي. هڪ اپارٽمينٽ جي قيمت 32 لک رپيا مقرر ڪئي وئي آهي جنهن ۾ 3 لک رپيا حڪومت سبسڊي ڏيندي جنهن جي ڪري في يونٽ لاڳت 29 لک رهجي ويندي. غريب ۽ وچولي طبقي جي لاءِ اسلام آباد ۾ پنهنجو گهر خريد ڪرڻ جي خواب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم جي خصوصي دلچسپي سان اهو منصوبو مڪمل ڪيو پيو ??ڃي. اپارٽمينٽس جي خريداري جي لاءِ پرائيويٽ بئنڪون آسان قسطن تي قرضن جي سهولت پڻ ڏئي رهيون آهن. سبسڊي جي ڪري انهن اپارٽمينٽس جي ماهوار 13000 رپيا هوندي جڏهن ته مارڪيٽ ريٽ 38000 رپيا بڻجي ٿي. پنجاب جو و??و وزير سردار عثمان بوزدار ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب پڻ تقريب ۾ موجود هئا.