اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ت?? آبا??ي ۾ تيزي سان اضافي سان ??لڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ت?? اثر پئجي رهيا آهن، ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ قومي سطح تي هڪ وسيع البنياد مهم هلائڻ جي ضرورت آهي، ميڊيا خانداني منصوبابندي ت?? عوامي راءِ هموار ڪرڻ، روين ۾ تبديلي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آبا??ي ۾ تيزي سان اضافي ت?? ميڊيا نمائ??دن سان ??ڪري ويهڪ دوران ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ٽيليويزن ٽاڪ شوز، ڊراما س??ريلز ۾ آبادي جي مسئلي ت?? ڌيان ڪارائتو ثابت ٿي سگهي ٿو، آبادي جي مناسب انتظام جي لاءِ پارلياماني ميمبرن جي فعال ڪردار، پختي سياسي عزم جي ضرورت آهي. هن چيو ته عوامي آگاهي جي لاءِ آبا??ي ۾ اضافي ت?? پارلياماني ڪاڪس جي ڪارروائي کي مناسب طريقي سان اجاگر ڪيو وڃي، ميڊيا پبلڪ سروس پيغامن ذريعي ملڪ ۾ آبادي جي ڳڻتي جوڳي شرح بابت بيداري پيدا ڪري. هن چيو ته خانداني منصوبابندي ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ مناسب وقفو رکڻ جي ضرورت آهي، اسلام زور ڏي ٿو ته مائرون پنهنجي ٻارن کي ٻن سالن تائين پنهنجو کير پيارين، ٻارن کي ٻن سالن تائين ماءُ جو کير پيارڻ سان ??ارن ۾ ذهني ۽ جسماني ڪمزوري، غذائيت جي کوٽ تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. وزيراعظم جي صحت واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو ته آبا??ي ۾ تمام گهڻو اضافو قومي سلامتي جو مسئلو بڻجي سگهي ٿو، آبا??ي ۾ اضافي سان ??ئين نسل کي تعليم ۽ صحت جي سهولتن جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.