اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته رح??ت اللعالمين اٿارٽي ترجيحي بنيادن تي سيرت طيبه جي عملي زندگي تي لاڳو ڪرڻ ۾ مدد ڪندي، اٿارٽي جو مقصد نوجوانن کي سيرت جي حوالي سان آگاهي ڏيڻ آهي ته ج??ئن هو ان تي عمل ڪري سگهن. اٿارٽي سيرت طيبه جي حوالي سان معاشري ۾ موجود خال جي نشاندهي ڪري تحقيق سان عملي زندگي جي مسئلن جو حل ڳولڻ ۾ مدد ڪندي. وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ نيشنل رح??ت اللعالمين اٿارٽي جي عالمي ايڊوائيزري بورڊ جو پهريون ??جلاس منعقد ٿيو، اجلاس کي اٿارٽي جي ڊگهي مدي ۽ وچولي مدي واري لائحه عمل جي باري ۾ جامع بريفنگ ڏني وئي، ان کانسواءِ قدمن تي هن وقت تائين جي اڳڀرائي، سيرت طيبه جي رخن کي نصاب ۾ شامل ڪرڻ تي به بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي اٿارٽي جي پهرين عالمي تقريب جي حوالي سان تجويزون ??ه ڏنيون ويون. وز??راعظم قدمن تي عملدرآمد کي تيز ڪري ان کي مقرر مدي ۾ لاڳو ڪرڻ جون هدايتون ??اري ڪيون. اجلاس ۾ قومي رح??ت اللعالمين اٿارٽي جي چيئرمين پروفيسر اعجاز اڪرم، ڊاڪٽر انيس احمد، ڊاڪٽر خالد مسعود ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، ڊاڪٽر عطاءُ الرحمان، ڊاڪٽر جوزف لمبارڊ، ڊاڪٽر عثمان بڪر، بئريسٽر ندرت ماجد ۽ ڊاڪٽر باسط ڪوشل وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي.