اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اڱار?? جي صبح اسلام آباد پهچي ويو آهي. هو سعو??ي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان جي دعوت تي ٽن ڏينهن جي دوري تي سعودي عرب ويو هو. دور?? جي پڄاڻي تي هو رياض ۾ سعودي عرب جي نائب پرڏيهي وزير عادل بن احمد ال جبير وزيراعظم کي الوداع ڪيو. دوري تي وزيراعظم سان پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وزير حماد اظهر، ناڻي وارو وز??ر شوڪت ترين، وزيراعظم جو خاص مددگار ملڪ امين اسلم به گڏ هئا، وزيراعظم مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ اجلاس کي خطاب به ڪيو. هن سعو??ي ولي عهد شهزاد محمد بن سلمان سان ملاقات به ڪئي، دور?? جي موقعي تي وزيراعظم سعودي عرب پاڪستان انويسٽمينٽ فورم کي به خطاب ڪيو. وزيراعظم وفد جي سان گڏ روضه رسول ﷺ تي حاضري ڏني ۽ مسجد نبوي ۾ نوافل ادا ڪيا، هن عمر?? جي سعادت به حاصل ڪئي ۽ پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعا به ڪئي.