اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين مشهور شاعر، صحافي ۽ ڪالم نگار ڊاڪٽر اجمل نيازي جي لاڏ??ڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نه رڳو تعليم جي شعبي ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون پر هو صحافت جهڙي عظيم شعبي سان لاڳاپيل رهيو، ڊاڪٽر اجمل نيازي مر??وم اردو ۽ پنجابي شاعري ??ان گڏوگڏ 45 سال تائين ادب جي خدمتن ۾ گذاريا، چوڌري فواد ح??ين چيو ته روزاني نواءِ وقت ۾ “بي نيازيان“ جي عنوان سان مر??وم اجمل نيازي جا ڪالم ماڻهن ۾ تمام گهڻا مقبول ٿيا، سندس لاڏ??ڻي سان صحافت جي شعبي، تعليم جي شعبي ۽ ادب جي ميدان ۾ پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن نه ڀرجي سگهجندو، وفاقي وزير دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مر??وم کي پنهنجي جوار رحمت ۾ جاءِ ڏي ۽ پوئينرن کي صبر جميل عطا فرمائي.