اسلام آباد – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??وڊ?? جي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته معياري ??وڊ?? جي تعمير سان ڳوٺاڻن ۽ شهري علائقن جي وچ ۾ رابطا، واپار ۽ روزگار جا موقعا وڌندا، اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل هاءِ وي اٿارٽ?? جي انتظام هيٺ منصوبن تي اڳڀرائ?? جي جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير مراد سعيد، منصوبابندي ??ارو وفاقي وزير اسد عمر، خصوصي صلاحڪار ڊاڪٽر شهباز گل، منصوبابندي ڪميشن وارو ڊپٽي چيئرمين جهانزيب خان، نيشنل هاءِ وي اٿارٽ?? جي چيئرمين ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي، مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد چٽاڀيٽي وارو جائزو پيش ڪندي آگاهه ڪيو ته اڳوڻي حڪومت جي ٽن سالن (16 -2013ع) ۾ صرف 645 ڪلوميٽر جا روڊ تعيمر ٿيا ۽ موجوده حڪومت جي ٽن سالن ۾ ڪل 1753 ڪلوميٽر ڊگها روڊ مڪمل ٿي چڪا آهن، منصوبابند?? جي حوالي سان گذريل حڪومت جي دور جي ٽن سال ۾ صرف 858 ڪلوميٽر جڏهن ته موجوده حڪومت جي ٽن سالن ۾ 6118 ڪلوميٽر ڊگهائي تي مشتمل ??وڊ?? جي منصوبابندي ??ڪمل ڪ??ي وئي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال ۾ نيشنل هاءِ وي اٿارٽي 27 منصوبا مڪمل ڪ??ي وٺندي، بلوچستان ۾ 3 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ جي ??وڊ?? جي تعمير ڪئي پئي وڃي، وزيراعظم جي پاڻ ڀاڙڻ جي ويزن موجب منصوبا قرضن بدران پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي ذريعي مڪمل ڪيا پيا وڃن، اجلاس کي راولپنڊي کان کاريان، ميانوالي کان مظفر ڳڙ??ه ۽ حيدرآباد کان سکر ??وڊ?? تي اڳڀرائ?? جي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان چيو ته معاشي ترقي ۾ ??وڊ?? جو اهم ترين ڪردار آهي، هن چيو ته معياري ??وڊ?? جي تياري سان ڳوٺن ۽ شهري علائقن جي وچ ۾ رابطا، واپار ۽ روزگار جا موقعا وڌندا، بهترين ??وڊ?? جي ڪري گاڏين جي مرمت ۽ پيٽروليم منصوعات جي درآمد جي خرچ به گهٽ ٿي ويندا. وزيراعظم چيو ته مواصلات جي اهم ۽ وڏن منصوبن تي روزان?? جي بنياد تي اڳڀرائي جو پاڻ جائزو وٺندس. هن هدايت ڪئي ته منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ فنڊ جاري ڪرڻ يقيني بڻايو وڃي.