اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته اسا?? هڪ متحد، پرامن ۽ پرعزم قوم جي حيثيت سان اڀرڻ لاءِ پنهنجي تاريخ جي سفر ۾ ڏکيا چئلينجز عبور ڪيا آهن، اڄ به ملڪ اندر ڪجهه درپيش مسئلن سان گڏوگڏ خطي جي بدلجندڙ صورتحال اسان ج?? ان عزم جو امتحان آهي، پاڪستان اڄ سڄي دنيا جي وچ ۾ ڪنڌ مٿي ڪري بيهي سگهي ٿو، اسان جي پاليسين کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي رهي آهي، ڪشمير جي عوام پاڻ سان ڪيل واعدن جي تڪميل لاءِ عالمي برادري طرف ڏسي رهي آهي، پاڪستان خودمختياري وارو حق حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڪشميرين جي حمايت جاري رکندو، افغان تڪ??ار جو ڪو به فوجي حل نه آهي، پاڪستان ڳالهين سان تڪ??ار جي سياسي حل جي حمايت جاري رکندو، عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ اسان جو سمورو ڌيان جيوپاليٽڪس کان جيو اڪنامڪس تي ٿي ويو آهي.
اهڙن خيالن جو اظهار هن آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. و??ير??عظم چيو ته اڄ آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي قومي جهنڊو ڦڙڪائيندي اسان کي ايمان، اتحاد، تنظيم جي قومي قدرن کي سربلند رکڻ جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪرڻ گهرجي جنهن جو تصور قائداعظم محمد علي جناح پيش ڪيو هو، اسا?? هڪ متحد، پرامن ۽ پرعزم قوم جي حيثيت سان اڀرڻ لاءِ پنهنجي تاريخ جي سفر ۾ مشڪل چئلينجز عبور ڪيا آهن ايستائين جو اڄ به ملڪ اندر ڪجهه درپيش مسئلن سان گڏوگڏ خطي جي بدلجندڙ صورتحال اسان ج?? ان عزم جو امتحان آهي، هر وقت وانگر اسان پنهنجي بي لوث عزم جي ڪر?? انهن رڪاوٽن تي ضابطو آڻي وٺنداسين ۽ مضبوط قوم طور اڀرنداسين، هن چيو ته پاڪستان اڄ سڄي دنيا جي وچ ۾ ڪنڌ مٿي کڻي بيهي سگهي ٿو، معيشت جي بحالي، ڪورونا مان سرخرو ٿيڻ ۽ ماحولياتي تحفظ بابت اسان جي پاليسين کي سڄي دنيا ۾ پذيرائي ملي آهي.
و??ير??عظم چيو ته ان موقعي تي اسان پنهنجي ڪشميرين ڀينرن ۽ ڀائرن کي نه وسارڻ گهرجي، جيڪ?? انتهائي مشڪل حالتن ۽ ڀارتي غير قانوني قبضي ۾ ناقابل بيان ڏاڍ ۾ پنهنجي خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن، پاڪستان ڪشميرين جي منصفاڻي ڪاز لاءِ پنهنجي ڀرپور حمايت جاري رکندو، ڪشميري هاڻي به انهن سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ لاءِ عالمي برادري طرف ڏسي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي اولهندي سرحدن تي غير مستحڪم صورتحال جي ڪري وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ۽ ان جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي اسان سدائين ان ڳالهه تي مسلسل زور ڏنو آهي ته افغانستان جي تڪ??ار جو ڪو به فوجي حل نه آهي.
هن چيو ته افغانستان ۾ ڊگهي امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان افغان تڪ??ار جو ڳالهين سان سياسي حل جي حمايت جاري رکندو، پنهنجي معاشي ۽ سماجي ايجنڊا جي پيروي لاءِ اسان ملڪ اندر ۽ ٻاهر امن چاهيون ٿا. و??ير??عظم چيو ته نئين پاڪستان ۾ اسان جو سمورو ڌيان جيو پالٽيڪس کان هاڻي جيو اڪنامڪس تي آهي،جنهن ۾ اسان اولين ترجيح جي طور تي پاڪستاني عوام جي ڀلائي، ترقي ۽ خوشحالي تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، اسان جي حڪومت پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪيون آهن، هن چيو ته بنا شڪ جي پاڪستان الله تعاليٰ جو اسان جي لاءِ تحفو آهي آئو?? هڪ دفعو ٻيهر ملڪ اندر ۽ ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي مبارڪون ڏي??ن ٿو ۽ ان موقعي تي توهان کي چو??ن ٿو ته پاڪستان کي قابل فخر، خوشحال ۽ پرامن ملڪ بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪريو.