اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊا??ٽر عارف علوي چيو آهي ته سمارٽ پلاننگ ۾ پاڪستان ٻين قومن سان گڏ پهرين صف ۾ بيٺل آهي، اين سي او سي جي ڪم ۽ اداري کي ساراهڻ گه??جي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان جي قائم ڪيل منفرد پليٽ فارم اهو يقيني بڻائڻ جي بهترين ڪوشش ڪئي ??هي ته غريب کي مڪمل لاڪ ڊائون کي منهن ڏيڻو نه پوي. هن وڌيڪ چيو ته اين سي او سي حيرت انگيز ڪم ڪيو آهي ۽ اهو ثابت ڪيو آهي ته سمارٽ پلاننگ ۾ پاڪستان ٻين قومن سان گڏ پهرين صف ۾ بيٺل آهي.