اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) س??ني?? جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ ڊپٽي چيئرمين مرزا محم?? آفريدي پارليامينٽ هائوس جي لان ۾ ٻوٽو لڳائي وڻڪاري مهم جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. ان موقعي تي س??ني?? چيئرمين چيو ته ماح??ل دوست قدم اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهن. ماح??ل دوست روين جي فروغ لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته موسيماتي تبديلين جي اثرن کي ڀرپور وڻڪاري ۽ ماح??ل دوست قدمن سان ئي گهٽ ڪري سگهجي ٿو. وڻ پوکڻ اسان جي انفرادي ۽ اجتماعي ذميداري آهي. عوام کي اپيل آهي ته ٻوٽا پوکين ۽ ماح??ل دوست رويو اختيار ڪن. ان موقعي تي ڊپٽي چيئرمين چيو ته پارليامينٽ موسيماتي تبديلين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ موثر قانونسازي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ڪاربن جو اخراج گهٽ ڪرڻ لاءِ پارليامينٽ شمسي توانائي مان بجلي جون ضرورتون پوريون ڪري رهي آهي. هن عوام کي اپيل ڪئي ته عوام وڻڪاري مهم ۾ وڌي چڙهي حصو وٺي، ان موقعي تي س??ني??رز فدا محمد ذيشان خانزاده کان سواءِ س??ني?? جو سيڪريٽري محمد قاسم صدم خان به موجود هو.