اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي هدايت تي جمعي ڏينهن ڪورونا وائرس کان ڇوٽڪاري لاءِ توبه ۽ استغفار جي ڏهاڙي طور ملهايو ويو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جار?? بيان موجب مذهبي معاملن واري وزارت صدر جي هدايت تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو، توبه ۽ استغفار ڏهاڙو ملهائڻ جو مقصد دعا ۽ استغفار جي ذر??عي ڪورونا وائرس ج?? وبا کان نجات حاصل ڪرڻ آهي.