ڪراچي – 11 مارچ (اي پي پي) صد?? ڊاڪٽر عارف علوي پي اي ??يف ايئر وار ڪاليج انسٽيٽيوٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، ??ندس آمد تي ايئر مارشل عامر مسعود، ڊپٽي چيف آف دي ايئر اسٽاف (ٽريننگ) پاڪستان ايئر فورس سندس استقبال ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي خاص مهمان ڊاڪٽر عارف علوي ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو جنهن جي ڪري هو منصوبو رڪارڊ مدي ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ??ي معيار موجب پڄاڻي تي پهتو. هن چيو ته پاڪستان هڪ امن پسند ملڪ آهي ۽ دنيا ان ڳالهه جي گواه آهي ته اسان ڀارتي پ??ئل??ٽ کي بنا ڪنهن دٻاءُ جي واپس موڪليو. پاڪ فضائيه جي پيشيوراڻي مهارت کي ساراهيندي هن چيو ته 27 فيبروري 2019ع کانپوءِ پوري دنيا پي اي ??يف جي پيشيوراڻي صلاحيتن جو عملي مظاهرو ڏٺو، صد?? اداري ??ي مختلف شعبن جو دورو به ڪيو ۽ اتي موجود استادن ۽ عملي ??ي ميمبرن سان ملاقات ڪئي.