اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم چيو آهي ته مون تي ڪو به دٻاءُ نه ٿو وجهي سگهي، مون کي ڪرسيءَ سان چنبڙڻ جو ڪو به شوق نه آهي دٻاءُ اهي قبول ڪندا آهن جيڪي ڪرسيءَ سان چنبڙيل هوندا آهن، سنڌ جي ٻيٽن جي حوالي سان غلط پروپئگنڊ?? ڪئي پئي وڃي، پنجاب جو گندو پاڻي سنڌ ڏانهن وڃي ٿو جنهن ۾ 70 کان 80 سيڪڙو سنکيو آهي، ان گندي پاڻي کي روڪڻ جي لاءِ راوي شه?? اڏيو پيو وڃي. ن??ي ٽي وي چينل کي خصوصي انٽرويو ڏيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته 40 سالن کان ميڊيا ۾ آهيان، ڪو پاڪستاني ايتري دير ميڊيا ۾ ناهي رهيو، ڪرڪيٽ کانپوءِ سياست ۾ ميڊيا ۾ رهيو آهيان، تنقيد معاشري جو حصو آهي، انسان جي سچ جي اڳتي وڌڻ ۾ اظهار راءِ جي ??زا??ي جو سڀ کان وڏو هٿ آهي.